رت جا رشتا

رت جا رشتا (فلم): اي. ٽي فلمز جي پيشڪش سان ٺهيل هيءَ سنڌي فلم 21 فيبروي 1975ع تي رليز ٿي. هن فلم جو هدايتڪار اي. ايڇ. صديقي، پروڊيوسر طاهر سلطان ۽ قربان جيلاني هئا، جڏهن ته موسيقيءَ جي ترتيب غلام علي ڏني ۽ هن فلم جا گيت مشهور شاعر علي محمد مجروح لکيا. هن فلم ۾ عشرت چوڌريءَ ، محبوب عالم، ملڪ انوکي، ڪرن، مشتاق جسڪاڻي، شهزادي، اي. آر بلوچ، گل بانو، ايس. مغل، نور محمد لاشاري، قربان جيلاني ۽ غزاله رفيق اداڪاري ڪئي. هي فلم حيدرآباد ۾ چاندني ۽ شاليمار سئنيمائن سميت ڪراچيءَ ۾ ڪرائون ۽ تاج محل لاڙڪاڻي، ايمپائر ٽنڊي آدم ۾ سئنيمائن تي ڏيکاري وئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو